رحيم بخش شيخ

رحيم بخش شيخ

رحيم بخش شيخ

رحيم بخش شيخ: مشهور قانوندان ۽ سماجي خدمتگار، رحيم بخش شيخ، 1897ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس والد ڊپٽي ڪليڪٽر هو. مرحوم سردار محمد بخش ڪوجهي سندس وڏو ڀاءُ هو، جيڪو ڊپٽي ڪمشنر ٿي رٽائر ٿيو. رحيم بخش شيخ، بمبئيءَ يونيورسٽيءَ مان، 13 ۾ مئٽرڪ ۽ 1918ع ۾ بي. اي جو امتحان پاس ڪيو. 1920ع ۾ ايلفنسٽن ڪاليج بمبئيءَ مان ايل. ايل. بي جي ڊگري وٺي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ وڪالت ڪندو رهيو. انهيءَ دوران ٻنهي شهرن جي ميونسپالٽين جي بورڊن ۾ ميمبر ۽ چيئرمئن جي حيثيت سان سماجي ۽ تعليمي خدمت به ڪندو رهيو. 1926ع ۾ جڊيشيل کاتي ۾ گهڙيو ۽ سب جج ٿيو. پنهنجين لياقتن جي بنياد تي، 42-1941ع ۾ کيس اسسٽنٽ سيشن جج جي عهدي تي ترقي ڏني وئي، جتان ٽن سالن تائين سمال ڪازز ڪورٽ جي چيف جج جو عهدو ماڻي، 1952ع ۾ رٽائر ڪيائين. ساڳئي سال کان ’سنڌ انجمن حمايت الاسلام‘ جي منتظم جي حيثيت سان، تعليمي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ بهرو وٺڻ شروع ڪيائين ۽ انجمن پاران هلندڙ هڪ معمولي انگريزي اسڪول کي وڌائي هڪ وڏي اداري ۾ تبديل ڪري ڇڏيائين، جنهن جي انتظام هيٺ ڪنڊرگارٽن اسڪول، هاءِ اسڪول، سچل سرمست آرٽس ڪاليج ۽ سچل سرمست ڪامرس ڪاليج هلڻ لڳا. خود ئي انجمن جي سمورن پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن جو پرنسپال ٿي ڪم ڪيائين. سردار محمد بخش جي وفات بعد شيخ صاحب کي انجمن جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو، انهيءَ حيثيت سان نه رڳو انجمن جي اڳين اسڪولن ۽ ڪاليجن کي شيخ صاحب لڳاتار زور وٺرايو. بلڪ هڪ گرلس هاءِ اسڪول، سچل سرمست سائنس ڪاليج ۽ سردار بهادر ڪاليج، راڻي باغ ۽ نوابشاهه ۾ سچل سرمست آرٽس ڪاليج جهڙا نوان ادارا به وجود ۾ آندا. شيخ صاحب مختلف بئنڪن ۽ ڪوآپريٽوِ سوسائٽين جو پريزيڊنٽ، ڊائريڪٽر ۽ ميمبر به رهيو. هو سچل ڪوآپريٽو ڪلچرل اڪيڊميءَ جو پريزيڊنٽ ۽ سچل ميموريل ڪاميٽيءَ جو وائيس چيئرمئن به رهيو. انهن ادارن ذريعي سچل جي ڪلام ۽ ان جي ترجمن جي اشاعت ۽ سچل يادگار ورسي ملهائڻ جو اهتمام ڪري شيخ صاحب وڏي ادبي ۽ ثقافتي خدمت ڪئي. هو سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو چونڊيل ميمبر هو. رحيم بخش شيخ پرڪشش شخصيت جو مالڪ، رلڻو ملڻو، خوش خلق، خاموش طبع ۽ درويش صفت انسان هو. هو زندگيءَ جي مقرر ڪيل اصولن ۽ معمولات تي باقاعدي عمل پيرا رهندو هو. 15 فبروري 1967ع تي وفات ڪيائين. کيس پنهنجي وڏي ڀاءُ محمد بخش شيخ ’ڪوجهيءَ‘ جي مقبري ۾، انجمن حمايت الاسلام اسڪول، حيدرآباد جي ايوان ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ رحيم بخش شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو